ايران جي انقلابي گارڊ آبنائے هرمز مان گذرندڙ جهازن لاءِ نوان شرط مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آبنائي هرمز کولڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي صدر ٽرمپ سندس شڪريو ادا ڪيو، پر پاسداران انقلاب نوان شرط لاڳو ڪري ڇڏيا.

عالمي خابرو اداري موجب انقلابي گارڊز اهي شرط پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پوسٽ ڪيا، جنهن ۾ جهازن جي مالڪن لاءِ هدايتون پڻ شامل آهن.

انقلابي گارڊز هدايت ڪئي آهي ته آبنائے هرمز مان گذرندڙ هر جهاز کي انهن کان اجازت وٺڻي پوندي، جنهن کان سواءِ ڪنهن کي به نڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

ان کان علاوه رڳو سول ڪمرشل جهازن کي مخصوص چينلز مان گذرڻ جي اجازت هوندي پر فوجي جهازن جي داخلا تي مڪمل پابندي هوندي.

ايران جي انقلابي گارڊز اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪي آهي ته ڪنهن به فوجي ٻيڙي آبنائے هرمز ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي جنگبندي جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو ۽ ان جو سخت جواب ڏنو ويندو.

پاسداران انقلاب جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪارروايون لبنان ۾ جنگبندي کانپوءِ جنگ جي ميدان ۾ خاموشي اختيار ڪرڻ جي معاهدي تحت ڪيون پيون وڃن.

ان کان اڳ ايراني حڪومت اهو به چيو هو ته آبنائے هرمز مان گذرندڙ سمورن جهازن کي ايراني فورسز کان اجازت وٺڻي پوندي ۽ ايران جي اڳواٽ مقرر آبي رستن ذريعي ئي سفر ڪندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment