پاڪستان آسٽريليا ون ڊي سيريز لاءِ ٽڪيٽون ڪڏهن ۽ ڪٿي ملنديون؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو اڄ کان شروع ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب ٽڪيٽن جي آن لائين ۽ فزيڪل سيل 3 وڳي شروع ٿيندي.

شائقین پي سي بي جي ويب سائيٽ تان آن لائن ٽڪيٽون خريد ڪري سگهندا، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽون ٽي سي ايس جي مقرر ڪيل مرڪزن تي دستياب هونديون.

ٽنهي ميچن لاءِ سستي ترين ٽڪيٽ جنرل انڪلوزر جي هوندي جيڪا 200 روپين ۾ دستياب هوندي.

فرسٽ ڪلاس انڪلوزر ٽڪيٽ جي قيمت 300 رپيا، پريميئم ٽڪيٽ 400 رپيا، وي آءِ پي 500 رپيا جڏهن ته وي آءِ پي نيو پيويلين ۽ وي آءِ پي گيلري جون ٽڪيٽون 1500 رپين ۾ دستياب هونديون.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment