پشين ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ 4 خوارج مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



بلوچستان جي علائقي پشين ۾ سرخاب ڪيمپ ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي فتنا الخوارج جا 4 دهشتگرد مارجي ويا. تفصيل موجب بلوچستان جي ضلعي پشين جي علائقي سرخاب ڪيمپ ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ڪامياب ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ فتنا الخوارج جا 4 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا. آپريشن دوران دهشتگردن سخت مزاحمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ جو تبادلہ ٿيو. سي ٽي ڊي خوارج جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو. سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته فتنا الخوارج سان تعلق رکندڙ ڪجهه دهشتگرد پشين جي سرخاب ڪيمپ ۾ موجود هئا ۽ اتان ئي سڪيورٽي فورسز خلاف آپريشن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. اطلاع تي سي ٽي ڊي جي وڏي نفري علائقي جو گهيرو ڪري ورتو. فورسز جيئن ئي دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ڪئي ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته دهشتگردن فوري فائرنگ ڪري ڏني. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشين جي علائقي سرخاب ڪيمپ ۾ فتنا الخوارج جي 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي بلوچستان کي ساراهيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سي ٽي ڊي بلوچستان موثر ڪارروائي ڪري خوارج جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سي ٽي ڊي جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. محسن نقوي چيو ته قوم کي سي ٽي ڊي بلوچستان جي بهادر ٻارن تي فخر آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment