ايشز 2027ع جي تيارين لاءِ انگلينڊ جي پاڪستان خلاف ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو امڪان آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 2027ع ۾ اسپيشل ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

برطانوي اخبار دي ٽيليگراف جي رپورٽ موجب هي ميچ ايشيز سيريز کان اڳ مئي 2027 ۾ اولڊ ٽريفورڊ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) به منعقد ٿيندي.

رپورٽ موجب انگلينڊ جي ايشز مهم بعد ۾ ٽرينٽ برج ۾ شروع ٿيندي، جتي 2015ع کانپوءِ پهرين ايشز ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو امڪان آهي.

2015 جي اها تاريخي ميچ اسٽيورٽ براڊ جي شاندار بالنگ لاءِ ياد ڪئي ويندي آهي.

ٻئي طرف پاڪستان هن سال آگسٽ ۾ انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ وارو آهي.

سيريز جي پهرين ميچ 19 آگسٽ تي هيڊنگلي، ٻي 27 آگسٽ تي لارڊز ۽ آخري ٽيسٽ 9 سيپٽمبر تي ايج بيسٽن ۾ کيڏي ويندي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انگلينڊ جا ڪيترائي اهم رانديگر 2028ع جي اولمپڪس سبب ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان غير حاضر هوندا.

ان مقصد لاءِ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ به اولمپڪس ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ’جي بي ڪرڪيٽ‘ نالي هڪ نئين تنظيم قائم ڪئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment