لاهور:
سندر ۾ گهريلو تشدد سبب مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايڪسپريس نيوز موجب قتل واقعي جي اطلاع تي ايس پي صدر ڊويزن عبدالله عمران چيما، ايس ايڇ او سندر زاهد محمود سميت پوليس جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
پوليس موجب جوابدار شهباز پنهنجي 31 ورهين جي زال طاهره کي سرن جا وار ڪري قتل ڪيو. مقتول طاهره ٽن ٻارن جي ماءُ هئي. قتل جو واقعو سندر جي ڳوٺ مارڪا ۾ پيش آيو. جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ جاري آهي.
ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب سندر پوليس 15 مئي تي عورت تي تشدد جي اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي وئي. جڏهن پوليس پهتي ته عورت سخت زخمي حالت ۾ ۽ رت ۾ لت پت ملي.
ڊي آءِ جي موجب فرانزڪ ٽيم واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ڪري ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي.


