مني پور ۾ اندروني ڇڪتاڻ سبب بدامني عروج تي آهي ۽ امن امان جي صورتحال قابو کان ٻاهر آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي اخبار انڊين ايڪسپريس حڪومت جي نااهلي ۽ امن امان جي بگڙيل صورتحال کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.
ڀارتي اخبار انڊين ايڪسپريس موجب مني پور ۾ يرغمالين جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، هاءِ ويز جي بندش سبب ضروري سامان جي فراهمي سخت متاثر ٿي آهي.
مني پور ۾ 14 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين يرغمال آهن، جڏهن ته قابض ڀارتي فوج 6 ناگا ماڻهن کي به ڳولي نه سگهي آهي. مني پور ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ مڪمل بندش سبب روزاني زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي آهي.
ڪوڪي برادري شٽرڊائون هڙتال ڪئي، جڏهن ته ناگا برادري به مني پور جا مکيه شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيا.
ماهرن موجب قابض ڀارتي حڪومت مني پور ۾ نسلي فسادن، قتل عام ۽ روڊن جي بندش سبب وڌندڙ بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
مني پور ۾ قبضو هندستان جي هٿن مان نڪري ويو آهي ۽ آزادي جي تحريڪن سان به گهرو ويڙهه جي صورتحال رهي ٿي.


