آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي پهچڻ کانپوءِ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي سفارتڪاري ۽ دوري کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدو ٿيڻ جا امڪان بحال ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهيون شروع ٿينديون.
رپورٽ موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون پاڪستان جي ثالثي ۾ اسلام آباد ۾ ٿي سگهن ٿيون. ان حوالي سان شيڊول جو باضابطا فيصلو ٻنهي ملڪن سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.
ان حوالي سان گهرو وزير محسن نقوي جي ايران سميت اعليٰ حڪومتي عهديدارن سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ۽ پوءِ فيلڊ مارشل جي دور ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين واري اجلاس ٻيهر اسلام آباد ۾ ٿيندو.
امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عيد الاضحيٰ کانپوءِ اعليٰ سطحي وفدن جي سطح تي باضابطا ڳالهيون ٿينديون. سفارتي حلقن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ان دور ۾ ڳالهين جو عمل مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
جيڪڏهن ضرورت پئي ته وڌيڪ اجلاس به ڪرايو ويندو، پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ڳالهين واري عمل جي باضابطه شروعات کان اڳ معاهدي جي مسودي تي اتفاق ڪيو وڃي.
ان حوالي سان تيز رفتاري سان پيش رفت ٿي رهي آهي، سفارتي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن معاهدي جي آخري مرحلي ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا ته ٻنهي ملڪن جا صدر يا اعليٰ عملدار معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا.
ان حوالي سان سمورا معاملا ميڊيا آڏو نه آندا ويندا. سفارتي حلقن فيلڊ مارشل جي سفارتي ڪوششن کي پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي، ان حوالي سان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڳالهين جي آپشن تي ڪم يا تبديلي جو امڪان آهي.


