ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي قافلي جي ويجهو ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ جي جاچ کانپوءِ 6 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب واقعو 10 مئي تي بنگلور جي علائقي ڪاگلپورا ۾ پيش آيو، جتي نريندر مودي هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو.
رپورٽ موجب وزيراعظم جي آمد کان اڳ سڪيورٽي ادارن پاران معمول جي چيڪنگ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري هو، جنهن دوران قافلي جي ويجھو بارودي مواد ۾ استعمال ٿيندڙ جليٽين جون اسٽڪيون هٿ ڪيون ويون.
اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ فوري طور تي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي، جڏهن ته شروعاتي جاچ ۾ غفلت تي 6 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي پوليس موجب ان ڳالهه جي تفصيلي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڌماڪيدار مادو وزيراعظم جي قافلي جي رستي تي ڪيئن پهتو ۽ ان پٺيان ڪا منظم يا عمدي ڪارروائي هئي.
واقعي کانپوءِ ڀارتي سياسي ۽ سڪيورٽي حلقن ۾ خدشا آهن، جڏهن ته وزيراعظم جي سيڪيورٽي انتظامن تي به سوال اٿاريا پيا وڃن.


