ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن جو احتجاج

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڪراچي ۾ پاڻي جي بندش خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نويد انٿوني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هو سوالن جوابن کانپوءِ ان تي بحث ڪندا، پر ايم ڪيو ايم ميمبرن احتجاج جاري رکندي چيو ته پاڻي اهم مسئلو آهي، ان ڪري پهريان ان تي بحث ڪيو وڃي.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اعتراض واري نقطي تي ڪارروائي ملتوي ڪري بحث ڪنداسين. فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي بابت سوال ۽ جواب جو سلسلو زور شور سان شروع ٿي ويو.

سوالن جي وقفي کانپوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي شوري پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن منهنجي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪير به ڳالهائڻ نه ڏيندو، مڇي مارڪيٽ بند ڪرايو.

مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. ايوان ۾ ڳالهائيندي علي سهري چيو ته حڪومتي ميمبر وساري ويٺا ته هو حڪومت ۾ آهن، هي اسيمبلي آهي جمعي بازار ناهي.

علي شوري چيو ته ڪراچي هن وقت ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، هتي جا شهري اڃايل آهن، مان پاڻ ٻن ڏينهن کان ٽينڪر جو آرڊر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان پر اهو نه پيو اچي.

قانون واري وزير ضياءَ لنجار چيو ته منهنجا مخالف دوست پاڻي تي سياست نه ڪن. K4 پروجيڪٽ تي ڪم جاري آهي. ايم ڪيو ايم جا دوست وفاق جو حصو آهن. حڪومت پاڻي جي مسئلي تي سنجيده آهي، ڪراچي ۾ پاڻي پهچايو پيو وڃي. حڪومت هڪ ٻي حب ڪينال اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي. اورنگي ٽائون ۾ پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته پاڻي جا مسئلا آهن، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. پاڻي جي مسئلن تي اپوزيشن جا ڪيترائي توجه جا نوٽيس اچي ويا، پاڻي چوري جو به وڏو مسئلو آهي، علائقي جا مسئلا توهان به ڏسو. ڪراچي ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪي فور منصوبي کانسواءِ پاڻي پهچائڻ ممڪن ناهي.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير محمد فاروق چيو ته منهنجي حلقي ۾ 36 انچ جي سيوريج لائين وڇڻ سبب سڄي آبادي تلاءُ بڻجي وئي آهي، لائين جو ڪم تمام سست آهي، عيد قربان به مٿي تي آهي، مسجدن اڳيان ٻه فوٽ پاڻي بيٺل آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ سي اي او وٽ اسان سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ جو وقت ناهي. ايتري دير ڇو آهي؟ مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته هي اهم مسئلو آهي جنهن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ جلد مڪمل ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment