هڪ اسرائيلي عدالت غزه ڏانهن امداد کڻي ويندڙ جهاز ۾ گرفتار ٻن پرڏيهي ڪارڪنن جي حراست ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي ڄڻن کي اشڪلون جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ٻڌڻي کانپوءِ سندن رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وئي.
رپورٽن مطابق فلوٽلا ۾ 50 کان وڌيڪ جهاز شامل هئا، جيڪي فرانس، اسپين ۽ اٽلي کان روانا ٿيا هئا. ان جو مقصد غزه تي اسرائيلي بندش کي ٽوڙڻ ۽ اتي انساني امداد پهچائڻ هو.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل جي بحريه خميس ڏينهن يونان جي ويجهو بين الاقوامي پاڻي ۾ فلوٽلا کي روڪيو، تقريبن 175 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو. انهن مان گهڻا يوناني اختيارين حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ٻن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اسرائيل منتقل ڪيو ويو.
حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ اسپين سان تعلق رکندڙ سيف ابو ڪشڪ ۽ برازيل جو شهري ٿائگو ايولا به شامل آهن. عدالت ۾ پيشي دوران ٿِياگو اوويلا جي هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳل هيون جڏهن ته سيف ابو ڪاشڪ جي پيرن ۾ ٽنگون هنيون ويون.
اسرائيلي اختيارين عدالت ۾ ٻن مردن جي خلاف ممڪن الزام پڻ پيش ڪيا، جن ۾ “جنگ جي وقت ۾ دشمن جي مدد” ۽ “هڪ دهشتگرد تنظيم سان تعلق يا حمايت” شامل آهن.
ٻئي طرف اسپين جي پرڏيهي وزارت ان گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي پنهنجي شهري سيف ابو ڪشڪ کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت موجب اسرائيلي ڪارروائي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي.
ماهرن موجب اهو واقعو خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهي ٿو ۽ غزه جي صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي سگهي ٿي.


