پاڪ فوج ۽ سڄي ملڪ لاءِ عالمي سطح تي هڪ انتهائي فخر ۽ تاريخي اعزاز حاصل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان چين ۾ 33هين ايشين جونيئر انفرادي اسڪواش چيمپيئن شپ 2026 جو ٽائيٽل کٽي ورتو آهي.
پاڪ فوج جي اسڪواش رانديگر نعمان علي خان اسڪواش چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ روايتي حریف ڀارت کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو.
پاڪستاني رانديگر فائنل ۾ ڀارتي حریف شيو اگروال کي 1-3 تان شڪست ڏئي اسڪواش چيمپيئن شپ کٽي ورتي.
گذريل ايشين چيمپيئن شپ ۾ ساڳئي ڀارتي رانديگر نعمان علي خان کي 0-3 تان شڪست ڏني هئي.
نعمان علي خان جونيئر اسڪواش چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پراڻي شڪست جو بدلو ورتو.
وطن جو دفاع هجي يا راندين جو ميدان، پاڪ فوج هر فورم تي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اڳيان آهي.


