نقيب الله قتل ڪيس؛ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف ڪيس ۾ اڳڀرائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن موجب مقتول جي پٽ پنهنجو بيان حلفي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف اپيلن جي ٻڌڻي اونهاري جي موڪلن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ مقتول نقيب الله محسود جي پٽ عاطف بيان حلفي جمع ڪرايو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مان ننڍو هئس ۽ منهنجي ماءُ سماجي روايتن موجب عدالت ۾ پيش نه ٿي هئي. ان لاءِ منهنجي ڏاڏي جي وفات کان پوءِ منهنجي چاچي اپيل داخل ڪئي آهي.

عدالت گرمي جي موڪلن کانپوءِ اپيلن جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي وڪيلن نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ ڀاءُ طرفان اپيل داخل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو هو.

ان کان اڳ دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين کي بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي جوابدارن جي بريت خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment