ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي سرجاني ٽائون روزي موري مان عورت ۽ مرد جا لاش هٿ آيا آهن.
پوليس موجب عيد الاضحيٰ جي پهرين ڏينهن روزي موري جي علائقي سرجاني ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ عورت ۽ مرد جا لاش ملڻ جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي فوري طور تي گهرايو.
فوتي عورت ۽ مرد جا لاش قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا. ويسٽ پوليس ترجمان موجب مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ 25 ورهين جي شميلا ۽ 24 ورهين جي محمد علي ولد حضرت علي جي نالي سان ٿي آهي.
شروعاتي اطلاعن موجب ٻئي ڄڻا منشيات جا عادی هئا ۽ ظاهري طور تي فوتگين ۽ سخت گرمي سبب فوت ٿيا.
پوليس ٻنهي لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي وڌيڪ طبي معائنو ۽ ضروري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.


