ڪراچي:
وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ عيد الاضحيٰ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم سنڌ جي گورنر جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف چيو ته حج جهڙي عظيم سعادت حاصل ڪرڻ الله تعاليٰ جو خاص فضل آهي ۽ دعا آهي ته هي عبادت سندس لاءِ خير ۽ برڪت جو باعث بڻجي.
سنڌ جي گورنر نهال هاشمي وزيراعظم جي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته عيد الاضحيٰ ايثار، قرباني ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي، قوم کي ان موقعي تي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ گڏيل خير سگالي ۽ نيڪ خواهشن جو تبادلو ٿيو.


