تازو ئي منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي زندگي تي ڊرامو ٺاهڻ جي خبر سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي.
رپورٽن مطابق هڪ خانگي چينل پروڊڪشن هائوس انمول پنڪي تي ٻڌل ڊرامو تيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾ مشهور اداڪارا صبا قمر مرڪزي ڪردار ادا ڪندي.
ميڊيا رپورٽن موجب ان ڊرامي سان لاڳاپيل هڪ تصوير به سامهون آئي آهي جنهن ۾ صبا قمر پروڊيوسر اسد قريشي ۽ عبدالله ڪادواڻي سان گڏ موجود آهي.

دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ان منصوبي تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو جڏهن ته ڊرامي جو ليکڪ صحافي شاهزيب خانزاده کي قرار ڏنو پيو وڃي.
جڏهن ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به باضابطه اعلان نه ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي وڏي انگ تجويز ڪيل ڊرامي تي تنقيد ڪئي آهي.
نقادن جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪيس تي ڊرامو رچائڻ مناسب ناهي جيڪو اڃا ٻڌڻي هيٺ آهي.
ڪجهه صارفين سوال ڪيو ته ملڪ جي اهم تاريخي ۽ ادبي شخصيتن جهڙوڪ فاطمه جناح، بانو قدسيه ۽ ڊاڪٽر عارفه سيده جي زندگين تي وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ بدران تڪراري شخصيتن کي موضوع ڇو بڻايو پيو وڃي.
جڏهن ته صبا قمر جا مداح ان منصوبي تي پرجوش نظر اچي رهيا آهن.
هنن جو چوڻ آهي ته صبا قمر پنهنجي لازوال اداڪاري جي ڪري هي ڪردار موثر انداز ۾ ادا ڪري سگهي ٿي ۽ هي ڊرامو به ماضي جي ڪامياب پروجيڪٽن وانگر مقبوليت حاصل ڪري سگهي ٿو.


