وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وفاقي حڪومت عيد جي ٽئين ڏينهن عوام لاءِ اهم اعلان ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم قوم سان واعدو ڪيو هو ته جيتري به گنجائش هوندي عوام کي رليف ڏنو ويندو ۽ اهو واعدو پورو ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 22 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 22 رپيا گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ منهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل هفتي به عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڏکين حالتن ۾ به عوام کي رليف فراهم ڪندي رهي ۽ عوام، گڊز ٽرانسپورٽ ۽ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙن لاءِ فيول سبسڊي ڏني. هن وڌيڪ چيو ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ قطارون لڳل آهن، وزيراعظم جي بروقت قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل دستياب آهي. بيان ۾ چيو ويو ته دنيا ۾ تيل جي بدترين بحران دوران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جي باوجود وزيراعظم 130 رپين کان وڌيڪ جي سبسڊي ڏئي تيل جي اگهن ۾ واڌ کي روڪيو ۽ عوام کي سبسڊي جي صورت ۾ رليف پڻ ڏنو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment