شوپيان سانحي کي 17 سال گذري ويا، آسيه ۽ نيلوفر اڄ به انصاف جي انتظار ۾ آهن.
29 مئي 2009ع تي ڪشميري عورتن آسيا ۽ نيلوفر کي ڀارتي اهلڪارن زيادتي ۽ بيدردي سان قتل ڪيو.
آسيا ۽ نيلوفر جي قرباني ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي علامت بڻجي وئي آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران عورتن تي ظلم هڪ سنگين جنگي ڏوهه آهي.
ڪشميري ميڊيا سروس موجب ڪشميري عورتن تي جنسي تشدد ڀارتي رياستي دهشتگردي جو حصو آهي.
1989ع کان هن وقت تائين 11 هزار کان وڌيڪ ڪشميري عورتون ڀارتي فورسز هٿان جنسي تشدد جو شڪار ٿي چڪيون آهن.
شوپيان جا مظلوم خاندان اڃا تائين انصاف جا منتظر آهن ۽ ڀارت جي خاموشي ناقابل معافي جرم آهي.
شوپيان جهڙن سانحو ڀارتي فورسز خلاف عالمي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڪشميري اڳواڻ ان سانحي تي ڀارتي ادارن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي آزاد عالمي جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو.
انساني حقن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شوپيان سانحو انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
سماجي ورڪر جو چوڻ آهي ته آسيه ۽ نيلوفر جو انصاف اسان جي انسانيت جو امتحان آهي.
عالمي قانون موجب جنسي تشدد کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.


