برطانيه ۾ رڪارڊ ٽوڙي گرمي جي لهر ۽ خشڪ موسم سبب شهري پاڻي جي فراهمي ۾ سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. رائٽرز نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب انگلينڊ جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ گهٽ پريشر جون شڪايتون مليون آهن، جنهن جو وڏو سبب پراڻو انفراسٽرڪچر ۽ ناقص ٽرانسميشن سسٽم ٻڌايو پيو وڃي. ڏکڻ اوڀر انگلينڊ ۾ تازي رڪارڊ ٽوڙڻ واري گرمي جي لهر دوران هزارين گهر پاڻي کان محروم رهجي ويا يا تمام گهٽ پريشر تي پاڻي تائين پهچ هئا. متاثر ماڻهن جو انگ 20,000 کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي، جن ۾ ساحلي شهر وائيٽ اسٽيبل جا 8,000 رهواسي شامل آهن. سائوٿ ايسٽ واٽر جي مئنيجر ميٿيو ڊين موجب شهرين کي ايمرجنسي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيهڻو پيو جڏهن ته صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. برطانيه جي ماحولياتي ايجنسي چيو آهي ته ملڪ هن وقت سخت گرمي جي لهر جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن سبب پاڻي جي گهرج ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي. ان سان گڏ مارچ ۽ اپريل ۾ معمول کان گهٽ برساتن به آبي ذخيرن تي دٻاءُ وڌو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خانگي واٽر ڪمپنين پاران انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ تي به سوال اٿاريا پيا وڃن، جڏهن ته وائيٽ اسٽيبل جهڙن علائقن ۾ اسڪولن جي موڪلن دوران سياحت ۾ واڌ سبب صورتحال خراب ٿي وئي آهي.
Source link

رڪارڊ ٽوڙڻ واري گرمي ۽ خشڪ موسم جي وچ ۾ برطانيه ۾ پاڻي لاءِ قطارون
Leave a Comment Leave a Comment

