افغانستان ۾ بندوق جا قانون لاڳو ڪيا پيا وڃن، جتي انصاف جو قتل ٿي رهيو آهي ۽ عدالتن کي طالبان جي حڪومت يرغمال بڻايو پيو وڃي.
افغانستان تي قابض طالبان جي حڪومت آئين، عدليه ۽ انساني حقن کي پامال ڪري ملڪ تي بدترين آمريت مسلط ڪئي آهي. افغان طالبان جي حڪومت جي اسلام جي غلط تشريح ۽ من ماني فيصلن تي سڄي دنيا ۾ تنقيد ٿي رهي آهي.
افغان جرنل ائٽلس پريس موجب افغانستان جي اڳوڻي اٽارني جنرل فريد حميدي چيو آهي ته طالبان جي حڪومت عدالتي ۽ قانوني ادارن ۾ اختيارن جي علحدگي ختم ڪري قانوني نظام جي بنيادي تصور کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
فريد حميدي موجب افغان طالبان جي حڪومت جون نام نهاد عدالتون پاڻ فوجداري ڪيسن جي جاچ ڪنديون آهن ۽ فيصلا ٻڌائينديون آهن. هن چيو ته طالبان جي اقتدار تي قبضي کانپوءِ سمورين عورت پراسيڪيوٽرن کي برطرف ڪيو ويو ۽ هاڻي کين ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن.
اڳوڻي اٽارني جنرل چيو ته افغان طالبان جي حڪومت ۾ قيد عورتن جو انگ 435 سيڪڙو وڌي 1825 ٿي ويو آهي. طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 57 پراسيڪيوٽر يا انهن جا خاندان مارجي ويا آهن.
ماهرن موجب افغان طالبان جي حڪومت قانون، انصاف ۽ انساني حقن جو گلا گھوٽي ڇڏيو آهي ۽ عدالتي نظام کي ذاتي طاقت جي هٿيار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. افغان طالبان حڪومت جي ظالمانه فيصلن افغانستان کي قانون جي بالادستي بدران خوف، جبر ۽ انتقام تي ٻڌل رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.


