ڪراچي: پاڻي جي فراهمي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن بابت اهم اجلاس

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڻي جي فراهمي، انفرااسٽرڪچر منصوبن ۽ ڪي فور اگمينٽيشن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولرما امگ بازار شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ واٽر ميٽرنگ، ڪچين آبادين ۾ شهري ترقياتي ڪمن، واٽر ڪارپوريشن ۾ سڌارن ۽ جاري منصوبن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ مختلف شعبن جا اعليٰ عملدار به شامل هئا.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جي موثر انتظام ۽ شفاف گورننس ڪراچي جي وڌندڙ آبادي لاءِ ناگزير آهي. هن هدايت ڪئي ته اسٽريٽجڪ منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪندي ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان ڪراچي ۾ جديد ۽ پائيدار پاڻي جي فراهمي جو نظام قائم ڪيو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور منصوبو ڪراچي جي مستقبل جي واٽر سيڪيورٽي لاءِ انتهائي اهم آهي، ان ڪري منصوبي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين انتظامي ۽ فني رڪاوٽن کي فوري طور تي دور ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته منصوبن جي نگراني ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر 15 ڏينهن بعد هڪ جائزو اجلاس منعقد ڪيو ويندو.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 4 هزار 333 ڪنزيومر ميٽرز لڳائڻ جي رٿابندي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي جڏهن ته جون 2027ع تائين سمورا ڪنزيومر ميٽرز لڳايا ويندا.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته سسٽم ميٽرن لاءِ گهربل 212 چيمبرن مان 150 تعمير ڪيا ويا آهن، باقي چيمبرن جي نشاندهي نان روينيو واٽر صلاحڪار ٽيم ڪندي.

اجلاس کي آفيسرن ٻڌايو ته ڪي فور اگمينٽيشن لاءِ بلڊنگ جا دستاويز عالمي بئنڪ کي جمع ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته 2.7 ڪلوميٽر جي گڏيل ڪوريڊور تي ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ عيسيٰ نگري ۽ سوڀا نگر ۾ جاري شهري ترقياتي منصوبن جو پڻ جائزو ورتو ويو. بريفنگ موجب عيسيٰ نگري ۾ واٽر اسٽوريج ٽينڪ ۽ ڊرين جي صفائي جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته سوڀا نگر ۾ پيور بلاڪس جو منصوبو جون 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.

اجلاس ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP-II) تحت مختلف اهم پوسٽن تي اضافي فنڊن، ادارتي سڌارن ۽ ڀرتي جي عمل تي پڻ غور ڪيو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment