لبناني اختيارين چيو آهي ته شام مان هڪ ئي خاندان جا 9 شامي پناهگير، جن ۾ ڇهه ٻار به شامل آهن، تازي اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي جنگي جهازن شام جي ڏاکڻي شهر عدلون ۾ هڪ شامي خاندان جي رهائشي گهر تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا.
لبنان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اين اين اي ٻڌايو ته هوائي حملو ڏکڻ شهر صيدا جي ويجهو شهرين جي آبادي واري گهر کي نشانو بڻايو.
لبنان جي صحت واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته ملبي مان هٿ آيل سڀئي 9 لاش هڪ ئي خاندان جا آهن. مارجي ويلن جي سڃاڻپ شامي شهرين جي طور تي ڪئي وئي آهي، جن پنهنجي وطن ۾ جاري تڪرار کان لبنان ۾ پناهه ورتي هئي.
ياد رهي ته 17 اپريل تي لاڳو ٿيل جنگ بندي معاهدي جي باوجود اسرائيل لبنان تي حملن جو سلسلو جاري رکي ٿو.


