پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو، گرين شرٽس 1000 ون ڊي ميچون کيڏندڙ دنيا جي ٽين ٽيم بڻجي وئي آهي. ان تاريخي موقعي تي آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلز پاڪستاني ڪپتان کي يادگار تحفو پيش ڪيو، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ان موقعي کي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وڏو اعزاز قرار ڏيندي ان کي خاص ڏينهن قرار ڏنو. تفصيل موجب راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ پاڪستان جي ڪرڪيٽ تاريخ جي 1000هين ون ڊي ميچ هئي. پاڪستان پنهنجي پهرين ون ڊي انٽرنيشنل 1973ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏي هئي، گرين شرٽس ان کان اڳ کيڏيل 999 ميچن مان 527 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، 442 ميچن ۾ شڪست ۽ 21 ڊرا ٿي ويا هئا. ان دوران قومي ٽيم 1992ع جو ورلڊ ڪپ ۽ 2017ع جي چيمپيئنز ٽرافي کٽي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون، جنهن ۾ فائنل ۾ ڀارت کي 180 رنسن جي شاندار شڪست شامل آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان هاڻي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 1000 ميچون کيڏندڙ دنيا جي ٽئين ٽيم بڻجي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت 1075 ميچن سان پهرين ۽ آسٽريليا 1019 ميچن سان ٻئين نمبر تي آهي. ان تاريخي موقعي تي آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلز پاڪستاني ڪپتان شاهين شاهه آفريدي کي يادگار تحفو پيش ڪيو، شاهين شاهه آفريدي ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هڪ وڏو اعزاز قرار ڏيندي چيو ته اهو هڪ خاص ڏينهن آهي ۽ ان جو حصو بڻجڻ منهنجي لاءِ تمام ضروري آهي.
Source link

پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

