ڪاوا چيمپيئن شپ: پاڪستان ۽ بنگلاديش فائنل ۾ پهچي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسلام آباد ۾ جاري سينٽرل ايشين والي بال ايسوسيئيشن (CAVA) چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش دلچسپ مقابلي بعد فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. پهرين سيمي فائنل ۾ بنگلاديش ازبڪستان کي هڪ طرفي مقابلي بعد 3-0 تان شڪست ڏئي ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. بنگلاديش ازبڪستان کي پهريون سيٽ 25-21، ٻيو سيٽ 25-25 ۽ ٽيون سيٽ 25-19 تان کٽي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، ٻئي سيمي فائنل ۾ ميزبان پاڪستان سريلنڪا کي هر ڊپارٽمينٽ ۾ هارائي، مسلسل ٽيون صفر تان شڪست ڏئي شاندار انداز ۾ فائنل ۾ پهتو. پاڪستان پهرين سيٽ ۾ سريلنڪا کي 18-25 تان شڪست ڏني، ٻئي سيٽ ۾ سريلنڪن ٽيم پاڪستاني اسميشرز جي جارحاڻي ڪارڪردگيءَ آڏو بي وس رهي ۽ پاڪستان اها سيٽ 10-25 تان کٽي ورتي. ٽئين سيٽ ۾ به قومي ٽيم سٺي راند جو مظاهرو ڪندي ميچ 25-1 تان کٽي ورتي ۽ ميچ 3-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان جي مسلسل ڪاميابين کانپوءِ قومي ٽيم ڪاوا والي بال چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي جتي ٽائيٽل جو فيصلو سڀاڻي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏيو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment