عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون مهانگو ٿي ويو، چاندي جي اگهه ۾ گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ 13 ڊالر اضافو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سون جو نئون عالمي اگهه 4538 ڊالر في اونس ٿي ويو.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن 24 قيراط سون جي قيمت ۾ 1300 رپيا في تولو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 4 لک 76 هزار 162 رپيا في تولا جي سطح تي پهچي وئي.

اهڙي طرح سون جي في 10 گرام جي قيمت ۾ 1115 رپيا واڌ، نئين قيمت 4 لک 8 هزار 232 رپيا ٿي وئي.

ان کان علاوه عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 75.29 ڊالر تائين پهچي ويو، جڏهن ته مقامي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 21 رپين جي گهٽتائي سان 8013 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جو اگهه 18 رپيا گهٽجي 6869 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment