گهوٽڪي:
گهوٽڪي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اوچتو مٽيءَ جي طوفان ۽ تيز هوائن تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
طوفان جي شدت سبب عام زندگي مفلوج ٿي وئي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي، مواصلات ۽ ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيو.
علائقي ۾ تيز هوائن ۽ مٽيءَ سبب نمائش انتهائي گهٽجي وئي، جنهن سبب روڊن تي سفر ڪرڻ خطرناڪ ۽ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي.
ڪيترن ئي هنڌن تي مٽيءَ جي گهرن جون ڇتون ڪري پيون، جڏهن ته تيز هوائن سبب شهرين جي گهرن تي لڳل سولر پينل به ڊهي پٽ ٿي ويا.
اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي موجب طوفان دوران وڻ، ديوارون ۽ سولر پينل ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 50 زخمين کي تعلقي اسپتال اوباڑو منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي.
ٻئي طرف دهرڪي اسپتال ۾ 5 زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
طوفان سبب ڪيترن ئي هنڌن تي پراڻا ۽ وڏا وڻ ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته بجلي جا ڪيترائي پول ڪري پيا، وڏا علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا.
جڏهن ته مواصلاتي نظام ۾ خرابي جا به اطلاع آهن، جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.
هوڏانهن سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه ٻين شهرن ۾ مٽيءَ جي طوفان ۽ تيز هوائن جا اطلاع مليا آهن، جنهن کانپوءِ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا متحرڪ ٿي ويا آهن.
ضلعي انتظاميا شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، محفوظ هنڌن تي رهڻ ۽ خراب موسم دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، جڏهن ته اسپتالن ۽ امدادي ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.


