قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ غير معمولي سياسي رابطا ٿيا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف نه رڳو مخالف ڌر جي اڳواڻن سان هٿ ملايو پر اهم قومي معاملن تي مشاورت لاءِ ٻه ڀيرا اپوزيشن بينچن جو دورو پڻ ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو مفاهمتي انداز نمايان رهيو. ايوان ۾ پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم پاڻ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي سيٽن تي ويو ۽ ساڻن هٿ ملايو.
ان بعد وزيراعظم ايوان ۾ پنهنجي خطاب ۾ ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي صورتحال تي قومي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان لاءِ متفقه قرارداد آڻڻ جي تجويز ڏني. تقرير کانپوءِ وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن بينچن تي پهتو جتي هن مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، بئريسٽر گوهر ۽ اسد قيصر سان ملاقات ڪئي.
ان دوران مخالف ڌر جي اڳواڻن پنهنجا مطالبا وزيراعظم آڏو رکيا، جڏهن ته وزيراعظم ڪجهه دير بيٺو رهيو ۽ انهن سان صلاح مشورا ڪيا. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي فون ڪري هدايتون ڏنيون. ٻئي طرف بچاءَ وارو وزير خواجه آصف به مخالف ڌر جي اڳواڻن جي سيٽن تي پهتو ۽ انهن سان صلاح مشورا ڪيا، جڏهن ته راڻا ثناءُ الله به مخالف ڌر جي قيادت سان ملاقات ڪئي.


