لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته مالي مشڪلات به پيءُ جي نابالغ ٻار جي نانءُ جي ذميواري ختم نه ٿي ڪري سگهي، ننڍي ٻار جي نانءُ پيءُ تي مسلسل الهي فرض آهي ۽ قرآن ۽ سنت جي حڪمن موجب کيس ان ذميواري کان ڇوٽڪارو نه ٿو ڏئي سگهجي.
لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عدالت موجب نابالغ ٻار جي نانءُ جو حق پرائيويٽ معاهدي يا رضامندي ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته نانءُ نه ڏيندڙ پيءُ جي نه رڳو قانوني پر اخلاقي ۽ مذهبي ذميواري آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته ادا نه ڪرڻ پيءُ تي لاڳو قرض آهي جيڪو وقت گذرڻ سان ختم نٿو ٿي سگهي. عدالتي فيصلي ۾ سوره البقره، سوره طلاق ۽ حديثن جا حوالا به شامل ڪيا ويا آهن.
عدالت چيو ته ڪانٽريڪٽ جي وقت نابالغ نصير اختر اعواڻ معذوري جي حالت ۾ هو، ان ڪري سندس حقن جو واپار نٿو ڪري سگهجي.
لاهور هاءِ ڪورٽ فيملي اينڊ اپيلٽ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي پيءُ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسلامي اصولن تحت ماضي ۾ نان نفري جي معاملي تي به نئين قانون سازي جي سفارش ڪئي آهي.
عدالت فيصلي جي ڪاپي لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس محسن اختر ڪياني 15 صفحن تي مشتمل تفصيلي لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.
ٻارڙي جي پيءُ اختر حسين اعواڻ نان سنڀال نه ڪرڻ خلاف عدالت سان رجوع ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته 2005ع ۾ ٿيل معاهدي تحت لائف ٽائم مينٽيننس مقرر ڪئي وئي آهي.
درخواستگذار جو چوڻ هو ته قانون موجب 6 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ماضي جي نان نفقي جي وصولي نٿي ٿي سگهي، جڏهن ته رضامندي خط جي ڀڃڪڙي تي ٻارڙي جي ماءُ تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي.


