وزيراعظم محمد شهباز شريف ون آئين ايونيو جي معاملي تي اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
قانون ۽ انصاف واري وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، ڪابينا سيڪريٽري ۽ واپار وارو سيڪريٽري ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي ايندڙ هڪ هفتي ۾ سڄي معاملي جي جاچ ڪندي ۽ جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندي. ان دوران ان معاملي ۾ ڪو به متاثر شخص ڪميٽي آڏو پنهنجون تجويزون پيش ڪري سگهندو ۽ ڪميٽي ڌرين ۽ متاثرين کي بنا ڪنهن فرق جي ٻڌندي.
ان معاملي تي وزيراعظم جي حتمي فيصلي تائين اسلام آباد انتظاميا ۽ سي ڊي اي طرفان ڪو به قدم نه کنيو ويندو.
وزيراعظم ون آئين ايوان معاملي ۾ انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.


