لاهور:
پنجاب ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ تي اڃا تائين اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ناڻي کاتي ۽ قانون کاتي ۾ مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب ناڻي وارو کاتو 12 جون جمعي تي صوبي جي بجيٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿو پر قانون کاتي بجيٽ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. قانون واري کاتي جو موقف آهي ته بجيٽ جمعي تي پيش نه ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جمعي تي عام موڪل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ پيش ڪرڻ جي حتمي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ مشاورت جاري آهي ۽ اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.
قانون واري کاتي اها به تجويز ڏني آهي ته بجيٽ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو خاص اجلاس نه گهرايو وڃي پر بجيٽ پنجاب اسيمبلي جي باقاعده اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي. قانون واري کاتي موجب التوا وارا بل به باقاعده اجلاس ۾ منظور ڪري سگهجن ٿا.
ذريعن موجب حڪومت کي 3 بل پاس ڪرڻا آهن، تنهن ڪري قانون واري کاتي سفارش ڪئي آهي ته اسيمبلي جو باقاعده اجلاس سڏايو وڃي ۽ ساڳئي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن مخصوص ڪيو وڃي.
قانون واري کاتي جو موقف آهي ته بجيٽ لاءِ سڏايل خاص اجلاس ۾ بل پاس ڪرڻ ممڪن ناهي، ان ڪري باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ وڌيڪ مناسب هوندو.
ياد رهي ته بجيٽ جي تاريخ ۽ اجلاس جي نوعيت بابت اڃا تائين حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.


