ايراني خطرو ڪم ڪيو؛ نتنياهو سان ٽرمپ جي فون ڪال؛ حزب الله تي حملا بند ڪريو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان فون تي رابطو ڪري لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا بند ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ حزب الله جي نمائندن سان ڳالهين کانپوءِ لبنان ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي.

صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته هن نيتن ياهو سان انتهائي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اسرائيلي فوج بيروت ۾ داخل نه ٿيندي.

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بيروت ويا پنهنجي سمورن سپاهين کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ وڌيڪ فوجي اتي نه ويندا.

آمريڪي صدر اها دعويٰ به ڪئي ته هن اعليٰ سطحي نمائندن ذريعي حزب الله سان ڳالهيون به ڪيون، جنهن ۾ حزب الله اتفاق ڪيو ته هو به حملا بند ڪندا.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب آهي ته اسرائيل هاڻي حزب الله تي حملو نه ڪندو ۽ حزب الله به اسرائيل تي حملو نه ڪندي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙي بيان جي باوجود اسرائيلي حڪومت يا حزب الله طرفان فوري طور تي ڪوبه ردعمل سامهون نه آيو.

ياد رهي ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ نتنياهو اسرائيلي فوج کي بيروت جي ڏاکڻي علائقي داهيا ۾ حملي جو حڪم ڏنو هو، جيڪو حزب الله جو اهم مضبوط قلعو سمجهيو ويندو آهي.

اسرائيل جو چوڻ آهي ته حزب الله جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اتر اسرائيل تي حملا جاري آهن.

جنهن جي جواب ۾ ايران آمريڪا سان جاري جنگ بندي ڳالهين کي معطل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment