تازو ئي هڪ صحافي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان سوال ڪيو ته جنگ بندي جو مطلب ڇا آهي، جنهن تي ٽرمپ حيران ڪندڙ جواب ڏنو جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو آهي.
رپورٽر: “توهان جنگبندي کي ڪيئن تعريف ڪندا آهيو؟”
صدر ٽرمپ: “دنيا جي ان حصي ۾، جنگبندي آهي جڏهن توهان وڌيڪ معتدل انداز ۾ فائرنگ ڪري رهيا آهيو.” 😂 pic.twitter.com/Zdy4IUrOt7
– موساد تبصرو (@MOSSADil) 3 جون 2026
ان دوران هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان لاءِ سيز فائر جو مطلب ڇا آهي، جنهن تي ٽرمپ جواب ڏنو ته سيز فائر ڇا آهي، پر دنيا جي ان حصي (وچ اوڀر) ۾ سيز فائر جو مطلب آهي ته توهان هينئر گهٽ شدت سان فائرنگ ڪري رهيا آهيو.


