سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ ايف بي آر ۽ ڪسٽم جي ڇاپن کي غير قانوني قرار ڏيندي ضبط ٿيل سامان واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
درخواستگذار جي وڪيل موجب درخواستگذار ڪمپني اي پيزا جي اجازت سان تمباکو ۽ سگريٽ ٺاهي رهي آهي، سيلز ٽيڪس فراڊ جي الزام ۾ ايف بي آر تي ڇاپو هنيو، ڪسٽم اختيارين قانونن باوجود سگريٽ ۽ ٻيو سامان ضبط ڪيو.
حڪومتي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ايف بي آر موجب ڪمپني جا ڊڪليئريشن شڪي مليا آهن، وفاقي ادارن غير قانوني تمباکو جي شين جي تياري ذريعي ٽيڪس چوري جي رپورٽ تي ڪارروائي ڪئي.
جسٽس سليم جيسر چيو ته سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع تحت ٽيڪس فراڊ جي جاچ کان اڳ ڪمشنر جي منظوري ۽ لاڳاپيل شخص کي پيش ڪرڻ جو موقعو لازمي آهي، رڪارڊ مان اهو ظاهر ناهي ته درخواستگذار خلاف باضابطه انڪوائري جي منظوري ڪمشنر کان ورتي وئي هئي.
عدالت چيو ته سرچ وارنٽ حاصل ڪرڻ باوجود ايف بي آر درخواستگذار خلاف التوا واري ڪارروائي ثابت نه ڪئي، مئجسٽريٽ جي تلاشي جي اجازت قانون موجب نه هئي، ڇاپي دوران غيرقانوني سرگرمي ظاهر نه ڪئي وئي ۽ ڪسٽم کي فون ڪري سامان ضبط ڪيو ويو. ڪسٽم ايڪٽ تحت سامان جي قانوني حيثيت بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
عدالت چيو ته درخواستگذار پاران جمع ڪرايل درآمدي دستاويزن مان بظاهر ثابت ٿيو ته سمورو سامان قانوني طور تي امپورٽ ڪيو ويو، رڪارڊ تي اهڙو ڪو به مواد موجود ناهي جو اهو ثابت ٿئي ته سامان اسمگل ڪيو ويو، حڪومتي اهلڪار آئين تحت شهرين جي حقن جي ابتڙ اختيار استعمال نٿا ڪري سگهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته سرڪاري ادارن جا ڇاپا، سرچ وارنٽ ۽ قبضي قانون خلاف آهن، سرچ وارنٽ ۽ ان تحت ڪيل سمورا عمل ڪالعدم قرار ڏنا وڃن، ضبط ڪيل سامان درخواستگذار ڪمپني حوالي ڪيو وڃي.


