ڪراچي:
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 2026ع کان 2029ع لاءِ پهريون ريسرچ ايجنڊا جاري ڪري ڇڏيو.
هي تحقيقي ايجنڊا تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي تحقيقي ترجيحن جي عڪاسي ڪري ٿو. ان حوالي سان مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته افراط زر جي متحرڪ ۽ مانيٽري پاليسي، مالياتي شعبي جي کوٽائي، استحڪام ۽ ڪارڪردگي ۽ ڍانچي جي تبديلي ۽ اقتصادي ترقي ان جا اسٽريٽجڪ موضوع آهن.
اسٽيٽ بئنڪ موجب هي تحقيقي ايجنڊا تحقيقي خال کي پورو ڪندو ۽ باخبر ميڪرو اڪنامڪ پاليسي سازي کي فروغ ڏيندو.
اسٽيٽ بئنڪ هڪ بيان ۾ چيو ته تحقيقي ايجنڊا اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۽ علم جي حصيداري جي اهميت کي به اجاگر ڪندو. اسٽيٽ بئنڪ جو مقصد تعليمي ماهرن، پاليسي ريسرچرز، سرڪاري ادارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ انفرادي ۽ اداري سطح تي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.


