نيپالي جبل سوار داوا 6 ڏينهن بعد مائونٽ ايورسٽ تان زنده مليو.
پرڏيهي ميڊيا موجب داوا شيرپا جي گهرڀاتين کيس مئل سمجهي آخري رسمن جي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي پر 6 ڏينهن کان مائونٽ ايورسٽ تي غائب رهڻ کانپوءِ داوا کي جيئرو مليو.
داوا جو چوڻ آهي ته هن 6 ڏينهن برف سان ڍڪيل جبل تي برف چباندي ۽ کيسي ۾ چاڪليٽ کائي گذاريا.
ميڊيا رپورٽن موجب داوا هن وقت کٽمنڊو جي هڪ اسپتال ۾ ڊي هائيڊريشن، فرسٽ بائيٽ ۽ ٽٽل هڏن جي علاج هيٺ آهي.
دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ تي چڙهڻ لاءِ هر سال سڄي دنيا مان سوين چڙهائي نيپال جو سفر ڪن ٿا ۽ ڪيترائي سياح ان مهم دوران پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن.


