حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ٻين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ٻي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 70 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، گاسيءَ جي تيل جي نئين قيمت 280 رپيا 70 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، گاسيءَ جي تيل جي پراڻي قيمت 272 رپيا في ليٽر هئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته ڊيزل جي قيمت برقرار رکندي هئي.

پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت 6 جون کان شروع ٿيندڙ ايندڙ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيه گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 377 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي ۽ ان جي قيمت 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر برقرار رکي آهي.

ياد رهي ته گذريل هفتي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ ترتيبوار 22 رپيا 22 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 381 رپيا 78 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي وئي هئي.

ان کان اڳ پيٽرول جو اگهه 403 رپيا 78 پيسا ۽ ڊيزل 402 رپيا 78 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته 15 مئي کان شروع ٿيندڙ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment