آءِ ايم ايف کان قسط ملڻ بعد پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 22 ارب 58 ڪروڙ کان وڌي ويا.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان 1.2 ارب ڊالرن جي قسط ملڻ کانپوءِ حڪومت جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 17 ارب ڊالرن کان وڌي ويا آهن ۽ مجموعي ذخيرن جو انگ 22 ارب 58 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب 15 مئي 2026ع تي پاڪستان جا ڪل پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 22 ارب 58 ڪروڙ 80 لک ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا ۽ مرڪزي بئنڪ جي تحويل ۾ پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جو انگ 17 ارب 81 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمرشل بئنڪن جي قبضي ۾ پرڏيهي مٽا سٽا جي خالص ذخيرن جو ماليت 5 ارب 50 ڪروڙ 75 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو، پرڏيهي مٽا سٽا جا ڪل ذخيرا 22 ارب 58 ڪروڙ 85 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويا. اسٽيٽ بئنڪ موجب 15 مئي 2026ع تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا هڪ ارب 21 ڪروڙ 40 لک ڊالرن مان وڌي 17 ارب 81 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا آهن جنهن سبب ايڪسپينڊڊ فنڊ فيسٽيولٽي (اي ايف ايف) ۽ رزيلينس اينڊ سسٽينبليٽي فيسٽيولٽي (آر ايس ايف) تحت حاصل ڪيل فنڊز ۽ آءِ ايم ايف کان حاصل ڪيل فنڊن جي رقم آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان سان گڏ ڪجهه پرڏيهي قرضن جي واپسي به ڪئي وئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment