33هين ايشين جونيئر انفرادي اسڪواش چيمپيئن شپ 2026ع ۾ پاڪستاني رانديگرن پنهنجي سفر جي ڪامياب شروعات ڪئي. 24 مئي تائين چين جي شهر پانزيهوا ۾ کيڏي ويندڙ چيمپيئن شپ ۾ بوائز انڊر 19 ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊ عبدالله نواز رزاق ادهمي سليمان کي 27 منٽن تائين آسان ميچ ۾ 0-3 تان شڪست ڏئي ٽئين رائونڊ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. بوائز انڊر 17 ايونٽ جي پهرين رائونڊ ۾ عبدالله کي بائي مليو، نعمان خان صرف 18 منٽن ۾ چين جي ليا زونگيو ۽ محمد عمير عارف پيماوت پون سريپوڪ (ٿائيلينڊ) کي 20 منٽن ۾ 0-3 تان هارائي ڇڏيو. بوائز انڊر 15 جي پهرئين رائونڊ ۾ سهيل عدنان اليگزينڊر مورٽيڊس کي 11 منٽن ۾ ۽ بوائز انڊر 13 ۾ محمد مصطفيٰ خان 23 منٽن ۾ جوزف اليگزينڊر چانگ کي 0-3 تان شڪست ڏني. گرلز انڊر 15 ايونٽ ۾ 4 سيڊ ماه نور علي اينا يوگي کي 10 منٽن ۾ 0-3 تان شڪست ڏئي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي وئي، سندس ڀيڻ سحرش علي 8 سيڊڊ ٿي ٻئي رائونڊ ۾ 36 منٽن جي جدوجهد کانپوءِ گيم قربان ڪري زوو چن يان (چين) کي 1-3 تان شڪست ڏني. ٻنهي ڀينرن پهرين رائونڊ ۾ بائي حاصل ڪرڻ بعد سڌو سنئون ٻئي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
Source link

اسڪواش چيمپئن شپ 2026؛ پاڪستاني رانديگرن چين ۾ ڪامياب شروعات ڪئي
Leave a Comment Leave a Comment

