آءِ سي سي نئين ٽي 20 ڪرڪيٽ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ پاڪستاني اوپنر صاحبزاده فرحان ڀارت جي اڀيشڪ شرما کي پوئتي ڇڏي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. تازي رينڪنگ موجب صاحبزاده فرحان 848 پوائنٽس سان ٻئي جڏهن ته ڀارت جو اڀيشيڪ شرما 819 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي. ڀارتي بيٽسمين ايشان ڪشن 910 پوائنٽس سان بدستور پهرين پوزيشن تي موجود آهي. پاڪستان جو صائم ايوب 560 پوائنٽس سان 41 هين، بابر اعظم 555 پوائنٽس سان 43 هين ۽ سلمان علي آغا 45 هين نمبر تي آهي. فخر زمان 481 پوائنٽس سان 73 هين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت جو وهاب سوريا ونشي نمايان بهتري کانپوءِ 48 هين پوزيشن تي اچي ويو آهي. بالرز جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو ابرار احمد 736 پوائنٽس سان ٻئين، افغانستان جو راشد خان پهرين ۽ انگلينڊ جو عادل رشيد ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان جو محمد نواز 658 پوائنٽس سان 10هين، سلمان مرزا 636 پوائنٽس سان 15هين ۽ شاهين شاهه آفريدي 30هين نمبر تي آهي.
Source link

آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ: صاحبزاده فرحان اڀيشڪ شرما کي پوئتي ڇڏي ڏنو
Leave a Comment Leave a Comment

