آئي فون جي 20 هين سالگره، اهم ليک

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ايپل جي فليگ شپ ڊيوائس آئي فون جي 20هين سالگرهه ايندڙ سال ملهائي ويندي ۽ نئين رپورٽن موجب ڪمپني ان موقعي تي وڏي ڊيزائن سان پنهنجي آئي فون پرو سيريز کي متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ليڪس موجب، نئين ماڊلز کي آئي فون 20 جي نالي سان متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي. مشهور ٽِپسٽر ڊجيٽل چيٽ اسٽيشن دعويٰ ڪئي آهي ته ايپل 6.96 انچ جي ڊسپلي جي ٽيسٽ ڪري رهي آهي جيڪا شايد آئي فون 20 پرو ميڪس ۾ ڏيکاري ويندي. جيتوڻيڪ اهو موجوده ماڊل کان ٿورو وڏو هوندو. بهرحال، ان جو اسپيڪٽ ريشو برقرار رکيو ويندو ته جيئن فون رکڻ لاءِ اڳئين وانگر آرامده هجي. رپورٽن مطابق، آئي فون 20 پرو سيريز ۾ نئين ٽيڪنالاجيون شامل ڪرڻ جو امڪان آهي جهڙوڪ ايج-ٽو-ايج ڪروڊ ڊسپلي، سولڊ اسٽيٽ بٽڻ ۽ انڊر ڊسپلي Face ID. ان کان علاوه ليڪس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نوان آئي فونز ۾ بهتر سيرامڪ شيلڊ تحفظ، 6000 ايم اي ايڇ جي وڏي بيٽري ۽ ريورس وائرليس چارجنگ جهڙا فيچر پڻ متعارف ڪرائي سگهجن ٿا. بهرحال، ايپل اڃا تائين انهن دعوائن يا ايندڙ آئي فون ماڊلز بابت ڪو به سرڪاري اعلان نه ڪيو آهي، تنهن ڪري اهي سڀئي معلومات هن وقت ليڪ ۽ غير تصديق ٿيل رپورٽن تي ٻڌل آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment