ايپل جي ايندڙ فليگ شپ ڊيوائس آئي فون 18 پرو جي متوقع لانچ جي حوالي سان نوان تفصيل سامهون آيا آهن، جنهن موجب ڪمپني پنهنجي نئين آئي فون سيريز کي سيپٽمبر 2026 ۾ متعارف ڪرائي سگهي ٿي. رپورٽ موجب iOS 27 جي ٻئي ڊولپر بيٽا جي بروقت رليز ٿيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايپل پنهنجي روايتي لانچ ٽائم لائن تي قائم آهي. اندازو آهي ته iOS 27 جو پهريون پبلڪ بيٽا جولاءِ ۾ رليز ڪيو ويندو جڏهن ته حتمي رليز اميدوار ورزن 9 سيپٽمبر جي آس پاس پيش ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايپل جي سالياني لانچ ايونٽ 9 سيپٽمبر 2026 تي ايپل پارڪ ۾ منعقد ٿيڻ جو امڪان آهي، جتي آئي فون 18 پرو، آئي فون 18 پرو ميڪس ۽ ڪمپني جو پهريون فولڊ ايبل فون، جنهن کي ممڪن طور تي iPhone Ultra سڏيو ويندو. نئين ايپل واچ جا ماڊل پڻ ساڳئي تقريب ۾ پيش ڪيا ويندا. بهرحال، فولڊ ايبل آئي فون جي وڪرو ڪجهه هفتن تائين دير ٿي سگهي ٿي پيداوار جي مسئلن جي ڪري. رپورٽ موجب iOS 27 جو فائنل ورجن 14 سيپٽمبر تي رليز ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته آئي فون 18 پرو ۽ آئي فون 18 پرو ميڪس جي سيلز 18 سيپٽمبر 2026 کان شروع ٿي سگهي ٿي، ياد رهي ته اهي سڀ تاريخون ۽ تفصيل هڪ تجزياتي رپورٽ ۽ اڳڪٿين تي ٻڌل آهن. ايپل اڃا تائين رسمي طور تي آئي فون 18 سيريز جي لانچ يا شيڊول جي تصديق نه ڪئي آهي.
Source link

آئي فون 18 پرو متوقع لانچ، تفصيل پڌرو
Leave a Comment Leave a Comment

