پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عام چونڊن 2026 لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.
مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني بورڊ جي سفارش تي 37 تڪن تي پارٽي ٽڪيٽن جي منظوري ڏني وئي. 18 جون 2026ع تي پارٽي ٽڪيٽن جي منظوري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري، آزاد ڪشمير جي مختلف تڪن تي مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پارٽي صدر محمد نواز شريف آزاد ڪشمير چونڊن لاءِ منظور ٿيل اميدوارن جي لسٽ تي صحيح ڪري ڇڏي. مسلم ليگ (ن) ميرپور، ڀمبر، ڪوٽلي، باغ، پونچھ، مظفر آباد، نيلم، حويلي ۽ جهلم سميت مختلف تڪن تان اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون.
مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عام چونڊن 2026 لاءِ اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، پارٽي صدر نواز شريف جي منظوري کانپوءِ اميدوارن جي نالن جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب اميدوارن جي لسٽ پارلياماني بورڊ جي سفارشن جي روشني ۾ تيار ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل لسٽ موجب ميرپور سٽي مان چوڌري محمد سعيد، ڀمبر سٽي مان چوڌري طارق فاروق، ڪوٽلي مان فتح محمود الحسن، راولڪوٽ سٽي مان طاهر انور خان، پلندري مان محمد نجيب خان، اپر نيلم ۽ لوئر نيلم مان شاهه غلام قادر جڏهن ته مظفر آباد سٽي مان مسلم ليگ ن جو سيد افتخار علي گيلاني اميدوار هوندو.
اهڙي طرح هٽين دٻت مان ڊاڪٽر مصطفيٰ بشير عباسي ۽ چڪر مان راجا محمد فاروق حيدر خان کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب مسلم ليگ ن جي اميدوار طور مريم جاويد 4 جهمپير، ذيشان علي جهلم 5، راجا محمد صديق جمون 6، سيد شوڪت علي شاهه وادي 3 ۽ وادي 5 تان محمد احمد رضا قادري کي به اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. پارٽي آزاد ڪشمير جي 37 تڪن تي اميدوارن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ چونڊ مهم کي منظم انداز ۾ جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.


