پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي مختلف تڪن ۾ چونڊ بي ضابطگيون ڳڻتي جوڳيون آهن.
راجا پرويز اشرف چيو ته چاچو جي تڪ جي گلپور، تروچي ۽ مهاجر ڪيمپ جي پولنگ اسٽيشنن 15 کان 25 تي چونڊ عمل متاثر ٿيڻ جون خبرون ڳڻتي جوڳيون آهن، اليڪشن ڪميشن 15 کان 25 پولنگ اسٽيشنن جي صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي ۽ شفاف پولنگ کي يقيني بڻائي.
راجا پرويز اشرف چيو ته گلپور، تروچي ۽ مهاجر ڪيمپ جي پولنگ اسٽيشنن تي فوري طور تي اضافي سڪيورٽي مقرر ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن سمورن شڪايتن جو فوري ۽ غيرجانبدار نوٽيس وٺي، ووٽرن کي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو وڃي.
پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوري طور تي اضافي سڪيورٽي مقرر ڪئي وڃي، چونڊ عمل ۾ مداخلت ۽ فساد ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل کي هر صورت ۾ غير جانبدار ۽ پرامن بڻائي.
هن چيو ته آزاد، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون عوام جي اعتماد جي ضامن آهن. چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.


