آمريڪا ايران ڏانهن ويندڙ جهازن جي ڳولا جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد هٿيار، گولا بارود ۽ ممڪن ايٽمي مواد جي ترسيل کي روڪڻ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو قدم خطي ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ورتو ويو آهي ته جيئن ايران کي حساس ۽ ممنوع مواد جي فراهمي کي روڪي سگهجي.
ان حوالي سان آمريڪي بحريه طرفان جاري ڪيل ايڊوائيزري ۾ چيو ويو آهي ته ايران ويندڙ جهازن جي چڱيءَ ريت تلاشي ورتي ويندي ته جيئن جهاز تي هٿيار، هٿيارن جو نظام، گولا بارود، ايٽمي مواد يا ٻيون حساس شيون موجود نه هجن.
ان کان علاوه مواد جهڙوڪ خام يا ريفائنڊ آئل، لوهه، اسٽيل ۽ ايلومينيم جي به جاچ ڪئي ويندي.
ايڊوائزري موجب اها ڳولا ڪنهن مخصوص هنڌ تائين محدود نه هوندي پر کليل سمنڊ ۾ ڪٿي به وڃي سگهي ٿي، جنهن سان عالمي سامونڊي واپار تي به اثر پوڻ جو خدشو آهي.
ماهرن موجب آمريڪا جو اهو فيصلو خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهي ٿو ۽ عالمي قانونن ۽ سمنڊ جي آزادي جي حوالي سان هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي سگهي ٿو.


