آمريڪا ايران کي ڪنهن به حالت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏيندو: صدر ٽرمپ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


واشنگٽن:

وائيٽ هائوس ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏيندو.

پنهنجي خطاب ۾ هن دعويٰ ڪئي ته ايران جي فوجي طاقت وڏي پئماني تي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ان وٽ هاڻي ڪو اثرائتو نيوي، ايئر فورس يا جديد راڊار سسٽم ناهي. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ان حوالي سان تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته 159 ايراني جهاز سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن پر اهو به واضح ڪيو ته هو ايران سان جنگ جي حق ۾ ناهي ۽ هو جنگ کي پسند نٿو ڪري.

آمريڪي صدر چيو ته ايران کي اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن جو هو تصور به نه ٿو ڪري سگهي، جڏهن ته اميد جو اظهار ڪيو ته ايران سان تڪرار ختم ٿيڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.

چين بابت ڳالهائيندي هن چيني صدر سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته سندس چين جو ممڪن دورو انتهائي اهم هوندو.

گهرو معاملن تي ڳالهائيندي ٽرمپ سپريم ڪورٽ جي ٽيرف بابت فيصلي تي به تنقيد ڪئي ۽ ان کي بي بنياد فيصلو قرار ڏنو.

هن چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ ٽيرف جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي پر ان باوجود ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment