پاڪستان 64 سالن کانپوءِ انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي فٽبال ڪپ جي اهم ميچ ۾ افغانستان کي صفر جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، قومي ٽيم 64 سالن کانپوءِ آزاد انٽرنيشنل ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچندي. مالديپ ۾ جاري ايونٽ ۾ عمر نواز پنجين منٽ ۾ گول ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري. هارون حميد اضافي وقت ۾ گول ڪري پاڪستان جي فتح کي يقيني بڻائي ڇڏيو. پاڪستان گروپ ۾ پهرين نمبر تي رهيو، پاڪستان 10 جون تي ڊائمنڊ جوبلي ڪپ جو فائنل کيڏندو، 1962ع جي مرڊيڪا ڪپ کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان ڪنهن آزاد انٽرنيشنل ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهتو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment