پاڪستان ايندڙ سال 5 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان 2027 ۾ انگلينڊ جو دورو ڪندو جتي پنج ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز کيڏندي. تفصيل موجب پنج ون ڊي ميچون 15 کان 26 مئي 2027 تائين سائوٿمپٽن، مانچسٽر، ليڊز، چيسٽر لي اسٽريٽ ۽ ڪارڊف ۾ کيڏيون وينديون. سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 15 مئي تي سائوٿمپٽن، ٻي ون ڊي 19 مئي تي مانچسٽر، ٽيون ون ڊي 21 مئي تي ليڊز، چوٿون ون ڊي 23 مئي تي چيسٽر لي اسٽريٽ ۽ پنجون ون ڊي 26 مئي تي ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن لاءِ پنجن ميچن تي ٻڌل ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2016 جي تياري جو اهم موقعو هوندو. آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027ع 4 آڪٽوبر کان 21 نومبر تائين ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيو ويندو. آءِ سي سي مردن جي ون ڊي ٽيم رينڪنگ ۾ پاڪستان پنجين نمبر تي آهي جڏهن ته انگلينڊ ستين نمبر تي آهي. پاڪستان آخري ڀيرو 2021 ۾ ٽن ڏينهن جي بين الاقوامي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪيو هو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment