اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انجنيئر محمد علي مرزا خلاف اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ کي غير قانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جي بدلي کان اڳ 27 اپريل تي جاري ڪيل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو ويو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اهم فيصلي ۾ پڇاڻو ڪيو ويو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو دائرو ڇا آهي؟ انجنيئر محمد علي مرزا خلاف ڪائونسل جي راءِ کي غير قانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ڪنهن فرد خلاف فوجداري ڪيس ۾ راءِ ڏيڻ جو اختيار ناهي، آئين جو آرٽيڪل 229 ۽ 230 ڪونسل کي انفرادي ڪيسن ۾ مداخلت جو اختيار نٿو ڏئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل رڳو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين، صدر ۽ گورنرن کي راءِ ڏئي سگهي ٿي، سائبر ڪرائم ايجنسي جو ڪنهن فرد جي بيان تي ڪائونسل کان راءِ طلب ڪرڻ غير قانوني آهي.
فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل فيڪٽ فائڊنگ يا عدالتي فورم ناهي، ڪنهن فرد جي مجرماڻي ذميواري جو تعين ڪرڻ ڪونسل جو ڪم ناهي، اهو صرف عدالتن جو اختيار آهي، ڪائونسل طرفان ڏنل راءِ جوابدار جي شفاف ٽرائل جي حق جي ڀڃڪڙي آهي.
عدالت اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ خلاف درخواست منظور ڪندي فيصلي ۾ چيو ته ڪائونسل کي ڪنهن به فرد جي عمل کي ڏوهه قرار ڏيڻ جو قانوني اختيار حاصل ناهي، جيستائين آئين ۾ ترميم نه ٿيندي ڪائونسل پنهنجي موجوده مينڊيٽ کان وڌيڪ نه ٿي سگهي.


