اردن ۾ ايراني حملن ۾ ڪيترن ئي آمريڪي هيلي ڪاپٽرن کي سخت نقصان پهتو آهي.
نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايراني حملن جي نتيجي ۾ درجنين آمريڪي فوجي زخمي ۽ هيلي ڪاپٽرن کي به وڏو نقصان پهتو آهي.
رپورٽ موجب ايتري وڏي پيماني تي ايراني حملن ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي جيڪو نقصان پهتو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته تهران وٽ نه رڳو اهم ميزائل هٿيار آهن پر هن آمريڪا جي فضائي دفاعي نظام کان بچڻ جي به سکيا ورتي آهي.
آمريڪي اخبار اهو به نوٽ ڪيو ته ايران گذريل پنجن ڏينهن ۾ چار ڀيرا اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملا ڪيا آهن.


