اسلام آباد:
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته ايراني جهاز ٽوسڪا جي عملي جا 22 ميمبر بحفاظت پاڪستان پهچي ويا آهن.
پنهنجي ايڪس اينڪس پيغام ۾ هن چيو ته انهن ماڻهن کي گذريل رات بحفاظت پاڪستان منتقل ڪيو ويو ۽ انهن کي اڄ ايران موڪليو ويندو.
اسحاق ڊار موجب ايراني جهاز کي به پاڪستاني حدن ۾ واپس آندو پيو وڃي ته جيئن ضروري مرمت کانپوءِ اصل مالڪن ڏانهن موڪليو وڃي.
هن چيو ته اهي قدم ايراني ۽ آمريڪي اختيارين جي سهڪار سان کنيا پيا وڃن ۽ اهو عمل اعتماد سازي جو هڪ اهم قدم آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي ساراهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ ثالثي جي سهولت لاءِ پرعزم آهي.


