آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي روڪڻ اوهان جي ذميواري آهي، ايران جو نار ملڪن کي سخت پيغام

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تهران: ايران خليجي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي زمين، فضائي حدن ۽ فوجي سهولتن کي آمريڪا يا اسرائيل کي ايران خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏين.

ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خطي جي سمورن ملڪن خاص ڪري خليج فارس جي ڏاکڻي ساحل تي واقع رياستن جي اها قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته هو پنهنجي سرزمين کي ايران خلاف ڪنهن به دشمني واري سرگرمي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪين.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي سرزمين يا سهولتن جو استعمال ايران خلاف فوجي آپريشن جي منصوبابندي، تنظيم، ان تي عمل يا حمايت ڪرڻ خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

ايراني پرڏيهي وزارت موجب موجوده علائقائي صورتحال انتهائي حساس آهي ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن کي ڇڪتاڻ وڌائڻ بدران امن، استحڪام ۽ سفارتي حل جي حمايت ڪرڻ گهرجي.

تهران ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته خطي جي ملڪن کي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ اهڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي تڪرار کي وڌائي سگهن.

ايران جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.

سياسي مبصرن موجب تهران طرفان نار ملڪن کي ڏنل هي پيغام علائقائي اتحاد، سيڪيورٽي تعاون ۽ ممڪن فوجي سرگرمين جي حوالي سان اهم سمجهيو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment